سترام روهڙا

سترام روهڙا

سترام روهڙا

سترام روهڙا (راڳي): ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان اسٽيج تي اداڪاريءَ جو شوق رهيو. هي سٺو گائڪ به آهي. هن ڀارت ۽ پرڏيهه ۾ ڪافي سنگيت پروگرام ڏنا آهن.
هن ڪيترين سنڌي فلمن ۾ ڊائريڪشن ڏني، تن ۾ ’هل ته ڀڄي هلون‘ (1984ع)، ’شيرا ڊاڪو‘، ’جئه سنتوشي ما‘ وغيره شامل آهن.
سترام روهڙا ’جهوليلال‘ ، ’تن کي ساگر ٻوڙيندڙ‘، لاڏلي‘، ’هل ماريا گهوٽ پيءُ‘، ’سنڌؤَ جي ڪناري‘، ’سس منهنجي ساڙيلي‘، ’پئسي تي زمانو‘، ’هو جمالو‘ (فلم)، ’گهوٽ جو پيءُ نچي ڙي‘ ۽ همٽي ٽمٽي‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ (فلم)، ’جي تون جوان آهين‘، ’پهريون پيار‘، ’آيو بيهن وارو‘، ’کيل تماشو‘ ۽ آئي آئي رات مستاني‘ فلمن ۽ ناٽڪن ۾ گانا ڳاتا اٿس.
هن ’ڪلاڪار منڊل‘ جي بينر هيٺ ڀڳونتي ناواڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ سنڌي ڀڳت جا البم به ٺاهيا.
سترام روهڙا جون ڳايل گيتن جون 3 ڪئسيٽون پڻ TIPS ڪمپنيءَ رليز ڪيون آهن.


لفظ سترام روهڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.16  عيسوي

ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان محمد فقير چانڊيو
عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي
زرداري غلام حسين
عبدالغفور سومرو
عبدالله پنهور
طالب خان پالاري
شادي فقير
سائين بخش ٿهيم فقير
شازيه خشڪ
رمضان علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون